ديو سڀاڻي

ديو سڀاڻي

ديو سڀاڻي

ديو سڀاڻي: مشھور ليکڪ ۽ ترجمي نگار ديا رام گوبندرام (ديو سڀاڻي)، 13 مارچ 1911ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم لاڙڪاڻي مان وٺڻ بعد 1933ع ۾ ڪراچيءَ جي ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مان بي. اي ڪئي. جنهن بعد انشورنس ۾ نوڪري شروع ڪئي. 1961ع ۾ ڪراچيءَ مان ’آشا‘ نالي هڪ ماهوار رسالو جاري ڪيو ۽ اُن نالي سان هڪ اشاعتي ادارو ’آشا ساهت منڊل‘ به قائم ڪيو، جنهن جي طرفان ڪيترائي ناول ۽ ڪھاڻين جا ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا، ورهاڱي بعد ڀارت لڏي ويو. سندس ترتيب ڏنل، لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي: ’منھنجي نؤرني‘ (ناٽڪ: 1933ع)، ’بدلو‘ (ناول: ترجمو: 1941ع)، ’چوڙين وارو‘ (ترتيب ڏنل ڪھاڻيون 1942ع)، ’اڌڪار‘ (ناول: ترجمو: 1942ع)، ’اڌورو پريم ۽ ٻيون آکاڻيون‘ (ترتيب: 1942ع)، ’سدا سھاڳڻ‘ (ناول: ترجمو: 1942ع)، ’مڪتي‘ (ناول: ترجمو: 1943ع)، ’چنگاري‘ (ناول: ترجمو: 1943ع)، ’واپسي‘ (ناول: ترجمو: 1944ع)، ’قسمت‘ (ناول: ترجمو: 1945ع)، ’ڏڪار‘ (ناول: ترجمو: 1945ع)، ’مولانا ابوالڪلام آزاد‘ (سوانح)، ۽ ’انقلابي‘ شامل آهن. 13 مارچ 1986ع تي ممبئيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ ديو سڀاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1986.03.13  عيسوي

ديو سڀاڻي 13 مارچ 1986ع تي ممبئيءَ ۾ وفات ڪئي


1911.03.13  عيسوي

مشھور ليکڪ ۽ ترجمي نگار ديا رام گوبندرام (ديو سڀاڻي)، 13 مارچ 1911ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

روپلو ڪولهي
جارج ابراهَم گريئرسن
سيده بيگم
شيخ فاضل شاهه قريشي
راڻڪ ديوي
جهانگير قريشي
سومار سومرو
جاريه بن قدامرضه
اعجاز علي خواجه
ظهير مهدي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون